پاڪستان ۾ تعليم جي شعبي ۾ هڪ اهم اڳڀرائي سامهون آئي آهي، جتي عالمي سطح تي ڪامياب تجربن کانپوءِ خانگي شعبي جي سهڪار سان جديد تعليمي نظام متعارف ڪرائڻ جون تياريون ڪيون پيون وڃن ۽ ان نئين ماڊل جو مقصد شاگردن کي روايتي تعليم تائين محدود رکڻ بدران انهن جي سوچ، تخليق ۽ مسئلن جي حل جي صلاحيتن کي اجاگر ڪرڻ آهي. نئين ماڊل تحت ايجوڪيشن ٽرانسفارميشن موومينٽ (اي ٽي ايم) شروع ڪئي وئي آهي، جيڪا صرف نصابي تبديلي نه پر هڪ مڪمل تعليمي انقلاب آهي ۽ ان نظام ۾ آرٽيفيشل انٽيليجنس، روبوٽڪس، انٽرنيٽ آف ٿنگس ۽ ٻين جديد ٽيڪنالاجي کي تعليم جو حصو بڻايو ويندو. اسٽيم فريم ورڪ تحت نئين تعليمي فريم ورڪ ۾ شاگردن جي تخليقي ۽ ذهني صلاحيتن کي هٿي وٺرائڻ لاءِ سائنس، ٽيڪنالاجي، انجنيئرنگ، آرٽس ۽ رياضي کي ضم ڪيو ويندو ۽ ان سان گڏ اسلامي قدرن ۽ رسول الله ﷺ جي سيرت کي به سسٽم جو مرڪزي حصو بڻايو ويو آهي ته جيئن شاگرد نه صرف باصلاحيت پر ذميوار شهري بڻجي سگهن. پروگرام تحت، اسڪولن ۾ ’ڊسڪوري اينڊ انوويشن هب‘ قائم ڪيا ويندا، جتي شاگرد هٿ سان سکڻ، سوال ڪرڻ ۽ حقيقي مسئلن جا حل ڳولڻ جي مشق ڪندا. ماهرن موجب اهو قدم پاڪستان جي تعليمي نظام کي جديد خطن تي استوار ڪرڻ سان گڏ نئين نسل کي مستقبل جي چيلنجز لاءِ تيار ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
Source link

تعليم جي شعبي ۾ اهم پيش رفت، خانگي شعبي جي شموليت سان جديد تعليمي نظام متعارف ڪرائڻ جي تياري
Leave a Comment Leave a Comment

