افغان مهاجر عورتن جي ڪرڪيٽرن کي بين الاقوامي مقابلن ۾ حصو وٺڻ لاءِ رستو هموار ڪرڻ

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


افغان مهاجر عورتن جي ڪرڪيٽرن لاءِ عالمي مقابلن ۾ شرڪت جو رستو هموار ٿيڻ شروع ٿي ويو آهي.

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) پهريون ڀيرو 2030ع تائين عالمي ڪواليفائنگ ايونٽس ۾ افغان مهاجر عورتن جي ڪرڪيٽرن کي شامل ڪرڻ جو واضح پلان پيش ڪيو آهي.

ان مقصد لاءِ هڪ اسپيشل ٽاسڪ فورس کي ٻيهر فعال ڪيو ويو آهي جيڪا ٽيم جي ٽريننگ، ميچز ۽ ڊولپمينٽ پروگرام جي نگراني ڪندي.

طالبان حڪومت پاران عورتن جي حقن تي پابندين سبب اهي رانديگر افغانستان جي نالي تي کيڏي نه سگهندا ڇو ته انهن کي افغانستان ڪرڪيٽ بورڊ طرفان اسپانسر نه ڪيو ويو آهي پر انهن کي هڪ الڳ سڃاڻپ سان عالمي سطح تي مقابلي واري ڪرڪيٽ کيڏڻ جو موقعو ڏنو ويندو.

اڪثر افغان عورت ڪرڪيٽر 2021 کان پوءِ آسٽريليا هليا ويا هئا، جڏهن ته ڪجهه برطانيا ۽ ڪينيڊا ۾ آهن.

انهن پهريون ڀيرو 2025 ۾ ميلبورن ۾ هڪ ٽيم جي حيثيت سان هڪ ميچ کيڏيو، جنهن بعد هندستان ۽ انگلينڊ جا دورا ڪيا.

آءِ سي سي جي سهڪار سان انهن رانديگرن کي ڪوچنگ، فزيوٿراپي، ٽريننگ ڪيمپ ۽ بين الاقوامي دورا ڪيا ويندا.

رانديگرن ان فيصلي کي پنهنجي مستقبل لاءِ اميد جوڳو قرار ڏيندي چيو ته هاڻي کين عالمي ڪرڪيٽ ۾ جاءِ ٺاهڻ جو واضح مقصد ملي ويو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment