پاڪستاني آل رائونڊر شاداب خان انگلينڊ جي مشهور ٽي ٽوئنٽي ٽيم لنڪاشائر لائيٽنگ سان معاهدو ڪري ورتو آهي.
تفصيل موجب شاداب خان 2026 وائيٽلٽي بلاسٽ جي باقي ميچن ۾ لنڪاشائر جي نمائندگي ڪندو.
27 ورهين جي شاداب خان کي آسٽريلوي آل رائونڊر ڪرس گرين جي جاءِ تي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو ويو آهي، جيڪو انجری سبب هلندڙ سيزن جي باقي ڏينهن لاءِ ٻاهر ٿي ويو آهي.
پاڪستاني اسٽار فوري طور تي ٽيم جوائن ڪندو ۽ ليسٽر شائر فاڪسز خلاف ايندڙ ميچ لاءِ موجود هوندو.
شاداب خان ان کان اڳ انگلش ڪائونٽي ڪرڪيٽ ۾ سسڪس شارڪز ۽ يارڪشائر جي نمائندگي پڻ ڪري چڪو آهي، جڏهن ته دنيا جي مختلف فرنچائز ليگز ۾ پڻ پنهنجي صلاحيتن جو ثبوت ڏنو آهي.
شاداب خان جو ٽي 20 انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ۾ رڪارڊ تمام شاندار آهي.
هن پاڪستان لاءِ 124 ٽي ٽوئنٽي ميچ کيڏندي 144 جي اسٽرائڪ ريٽ سان 1009 رنسون ٺاهيون آهن جڏهن ته 123 وڪيٽون پڻ ورتيون آهن.
ڊيل کانپوءِ شاداب خان خوشي جو اظهار ڪندي چيو ته کيس هميشه انگلينڊ ۾ ڪرڪيٽ کيڏڻ پسند آيو آهي ۽ لنڪاشائر جهڙي تاريخي ۽ وڏي ڪلب جو حصو بڻجڻ اعزاز جي ڳالهه آهي.
هن چيو ته هو امارات اولڊ ٽريفورڊ ۾ مداحن جي سامهون کيڏڻ لاءِ انتهائي پرجوش آهي.


