هنگو: خزينا چيڪ پوسٽ تي دهشتگردن جو حملو ناڪام، هڪ پوليس اهلڪار زخمي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پشاور:

هنگو: فتح الخوارج جي دهشتگردن پاران گذريل رات خزاني چيڪ پوسٽ تي قبضي جي ڪوشش ڪئي وئي.

ڊسٽرڪٽ پوليس آفيسر (ڊي پي او) موجب پوليس اهلڪارن فوري ۽ ڀرپور جوابي ڪارروائي ڪندي دهشتگردن کي ٽن ڪلاڪن تائين منهن ڏنو، جنهن سبب دهشتگرد پنهنجن ارادن ۾ ناڪام ٿي ويا.

فائرنگ جي ڏي وٺ دوران ايلٽ فورس جو هڪ سپاهي زخمي ٿي پيو، جنهن کي فوري طبي امداد ڏني پئي وڃي.

پوليس موجب علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي ۽ سيڪيورٽي سخت ڪئي وئي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment