يوڪرين جو روس ۾ لاجسٽڪ سينٽر تي حملو، 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 24 زخمي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


روس ۾ لاجسٽڪ سينٽر تي يوڪرين جي ڊرون حملي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 24 زخمي ٿي پيا آهن.

روسي اختيارين موجب يوڪرين جي ڊرون حملي روس جي علائقي تامبوف جي شهر ڪتووسڪ ۾ هڪ لوجسٽڪ سينٽر کي نشانو بڻايو، جنهن جي نتيجي ۾ 7 ڄڻا مارجي ويا ۽ 24 زخمي ٿي پيا.

حملو مبينه طور تي روس ۾ هڪ وڏي اي ڪامرس ڪمپني جي لاجسٽڪ سينٽر تي ڪيو ويو. مقامي اختيارين واقعي واري هنڌ پهچي امدادي ڪارروايون شروع ڪري ڇڏيون آهن. روسي اختيارين يوڪرين تي حملي جو الزام لڳايو آهي.

ياد رهي ته يوڪرين گذريل ڪجهه مهينن ۾ روس اندر فوجي ۽ لوجسٽڪ هدفن تي ڊرون حملا تيز ڪري ڇڏيا آهن پر هر حملي کانپوءِ ڪو به باضابطا تبصرو ناهي ڪيو ويو.

اهو واقعو روس ۽ يوڪرين جي وچ ۾ جاري جنگ ۾ سرحد پار ڊرون حملن ۾ واڌ جو تازو مثال آهي، جڏهن ته روس يوڪرين جي مختلف شهرن ۽ بندرگاهن تي حملا ڪري رهيو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment