راولپنڊي:
اتر وزيرستان ۾ سيڪيورٽي فورسز جي انٽيليجنس بيسڊ آپريشن ۾ 72 ڪلاڪن دوران 48 خوارج مارجي ويا.
پاڪ فوج جي عام لاڳاپن واري شعبي (آءِ ايس پي آر) موجب سڪيورٽي فورسز پاران ڳجهن اطلاعن تي جاري آپريشنز ۾ اتر وزيرستان جي علائقي ميران شاهه ۽ ان جي ڀرپاسي ۾ خوارج جي ڪيترن ئي ٺڪاڻن کي نشانو بڻايو ويو.
ان دوران گذريل 72 ڪلاڪن دوران سخت جهڙپن کانپوءِ 4 اهم ڪمانڊر خالد رضا عرف سالار، مفتون خيري موسيٰ ۽ عمران عرف ايان سميت ڀارتي حمايت يافته فتنا الخوارج جي وڌيڪ 21 دهشتگردن کي جهنم ۾ موڪليو ويو.

فورسز جي ان آپريشن سان علائقي ۾ سرگرم خوارج جي نيٽ ورڪ کي وڏو ڌڪ رسيو آهي.
مارجي ويل پرڏيهي ڪمانڊر سڪيورٽي فورسز جي اهلڪارن ۽ معصوم شهرين جي قتل سميت دهشتگردي جي ڪيترن ئي وارداتن ۾ گهربل هئا.
پاڪ فوج جي ترجمان موجب وڏي مهارت ۽ درستي سان ڪيل آپريشنز دوران هن وقت تائين 48 خوارج مارجي ويا آهن. مارجي ويل ڀارت نواز دهشتگردن جي قبضي مان هٿيار ۽ بارود پڻ هٿ ڪيو ويو آهي.

آءِ ايس پي آر موجب علائقي ۾ لڪيل باقي بچيل خوارج کي ختم ڪرڻ لاءِ ڪليئرنس آپريشن جاري رهندو.
نيشنل ايڪشن پلان بابت وفاقي اپيڪس ڪميٽي جي منظوري کانپوءِ سيڪيورٽي فورسز ۽ قانون لاڳو ڪندڙ ادارا ملڪ ۾ استحڪام جي ويزن تحت پرڏيهي اسپانسرڊ دهشتگردي جي خاتمي لاءِ پوري قوت ۽ عزم سان دهشتگردي خلاف مهم جاري رکندا.
صدر، وزيراعظم ۽ گهرو وزير پاڪ فوج جي جوانن کي خراج تحسين پيش ڪيو
صدر آصف علي زرداري، وزيراعظم شهباز شريف ۽ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي اتر وزيرستان ۾ فتنا خوارج خلاف ڪامياب آپريشن تي سيڪيورٽي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪيو آهي.
پنهنجي بيان ۾ هن فتني الخوارج جي ڪيترن ئي دهشتگردن کي مارڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي پيشيوراڻي صلاحيتن ۽ بهادري جي واکاڻ ڪئي. هن چيو ته ڀارتي سرپرستي هيٺ سرگرم فتنا خوارج جي اڳواڻن جو خاتمو دهشتگرد نيٽ ورڪ خلاف اهم ڪاميابي آهي.
هن چيو ته قوم پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل آهي. سيڪيورٽي فورسز جي بهادر سپاهين کي سلام جن خوارج جي ناپاڪ ارادن کي ناڪام بڻائي ڇڏيو. قوم جي حمايت سان دهشتگردن ۽ سهولتڪارن جو خاتمو جاري رهندو.


