پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي اڳوڻي افغان ڪرڪيٽر شاپور زدران جي صحت تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
سوشل ميڊيا تي هلندڙ رپورٽن موجب 38 ورهين جي اڳوڻي افغان فاسٽ بالر شاپور زدران جي طبيعت انتهائي ڳڻتي جوڳي آهي.
رپورٽن مطابق کيس سنگين طبي پيچيدگي سبب آءِ سي يو ۾ داخل ڪيو ويو آهي.
اهڙي صورتحال ۾ اڳوڻي ڪپتان شاهد آفريدي ايڪس تي پنهنجي پيغام ۾ چيو ته هن شاپور زدران جي ڀاءُ سان ڳالهه ٻولهه ڪئي آهي، سندس صحت بابت ٻڌي تمام گهڻو ڏک ٿيو آهي.
شاهد آفريدي شاپور زدران لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي کيس هر قسم جي مدد جي آڇ ڪئي.
واضح رهي ته شاپور زدران افغانستان لاءِ 44 ون ڊي ميچن ۾ 43 ۽ 36 ٽي ٽوئنٽي ميچن ۾ 37 وڪيٽون حاصل ڪري چڪو آهي.
شاپور زدران 2025ع ۾ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ تان رٽائرمينٽ جو اعلان ڪري ڇڏيو.


