ايران آمريڪا تي غير معقول مطالبن لاءِ دٻاءُ وجهڻ جو الزام لڳائيندي سڌي طرح ڳالهين جي ٻئي دور کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
عالمي خابرو اداري موجب ايران جي نائب پرڏيهي وزير سعيد خطيب زاده چيو آهي ته آمريڪا اهم معاملن تي پنهنجي غير معقول مطالبن تان پوئتي هٽڻ لاءِ تيار ناهي.
ايراني نائب پرڏيهي وزير موجب اهو ئي سبب آهي جو اسان آمريڪا سان سڌين ڳالهين جي ٻئي دور لاءِ تيار نه آهيون.
نائب پرڏيهي وزير سعيد خطيب زاده زور ڏنو ته آمريڪا کي ايران جي بنيادي خدشن کي سمجهڻ ۽ ان کي حل ڪرڻ جي ضرورت آهي، جن مان هڪ ايران تي پابنديون هٽائڻ آهي.
ايراني نائب پرڏيهي وزير صدر ٽرمپ جي بيان جي ترديد ڪندي چيو آهي ته ايران پنهنجو افزوده يورينيم آمريڪا کي ڏيڻ لاءِ به تيار ناهي. هي هڪ ناقابل قبول شرط آهي.
ايران جي نائب پرڏيهي وزير اهو به چيو ته ٻنهي ڌرين (آمريڪا ۽ ايران) وچ ۾ اڻ سڌي طرح رابطا برقرار آهن پر اسان چاهيون ٿا ته سڌي طرح ڳالهين کان اڳ فريم ورڪ معاهدي تائين پهچي وڃون.
ٻئي طرف آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اميد ظاهر ڪئي آهي ته ايران سان ڳالهين جو مثبت نتيجو جلد نڪرندو.


