بنگلاديش پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ 15 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي، جنهن جي قيادت نجم الحسن شانتو ڪندو. انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل موجب ٽيسٽ ميچ 8 مئي کان شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ڍاڪا ۾ شروع ٿيندي. اسڪواڊ ۾ تجربيڪار رانديگرن سان گڏ ٻه نوان چهرا به شامل آهن، جيڪي ٽيسٽ ڪرڪيٽ ۾ ڊيبيو ڪندا. ڪپتان نجم الحسن شانتو ۽ مهدي حسن ميرز نائب ڪپتان جا فرض سرانجام ڏيندو. ٽيم ۾ مشفيق الرحيم، لٽن داس، مومن الحق، شادمان اسلام ۽ تجربيڪار آل رائونڊر شامل آهن، جڏهن ته فاسٽ بالر تسين احمد ۽ شوريف اسلام جي به واپسي آهي. نون اضافون ۾ تنزيد حسن ۽ اميت حسن شامل آهن. تنزيد حسن پهريان ئي محدود اوورز جي ڪرڪيٽ ۾ پنهنجي صلاحيت جو مظاهرو ڪري چڪو آهي، جڏهن ته اميت حسن فرسٽ ڪلاس ڪرڪيٽ ۾ سٺي اوسط سان ٽيم ۾ شامل ٿي ويو آهي. بنگلاديش ٽيم هن وقت ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ ۾ اٺين نمبر تي آهي ۽ پاڪستان خلاف سيريز ۾ بهتر ڪارڪردگيءَ سان پنهنجي پوزيشن مضبوط ڪرڻ تي نظر رکندي. سيريز جي ٻي ٽيسٽ 16 کان 20 مئي تائين سلهٽ ۾ کيڏي ويندي.
Source link

بنگلاديش پاڪستان خلاف پهرين ٽيسٽ ميچ لاءِ اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو
Leave a Comment Leave a Comment

