ايران هڪ ڀيرو ٻيهر آمريڪا کي خبردار ڪيو آهي ته هو اسرائيل جو اوزار بڻجڻ کان پاسو ڪري ۽ مطالبو ڪيو آهي ته هو اسرائيل پهرين پاليسي اختيار ڪرڻ بدران معاهدي جي پاسداري ڪري.
ايراني ميڊيا موجب پارليامينٽ جي اسپيڪر محمد باقر ثعلباف آمريڪا جي ”اسرائيل فرسٽ“ واري پاليسي تي سخت تنقيد ڪئي آهي.
محمد باقر قاليباف مطالبو ڪيو ته آمريڪا ”اسرائيل پهرين“ واري پاليسي کي ڇڏي پنهنجي سفارتي واعدن تي عمل ڪري، جنهن سان ڇڪتاڻ ختم ٿي سگهي ٿي.
هن پراڪسي الزام تي چيو ته ايران جا وچ اوڀر ۾ مزاحمتي تحريڪن سان مضبوط اسٽريٽجڪ لاڳاپا آهن ۽ جنگبندي تي ٻنهي جو موقف ساڳيو آهي.
بعد ۾ محمد باقر قالباف لبناني پارليامينٽ جي اسپيڪر سان فون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي ۽ چيو ته لبنان ۾ جنگبندي ايران لاءِ ايتري ئي اهم آهي جيتري خود ايران جي جنگ بندي.
هن دعويٰ ڪئي ته اسلام آباد ۾ آمريڪا سان ڳالهين دوران ۽ پوءِ ايران دشمن ملڪن کي مستقل جنگبندي تي مجبور ڪرڻ جون ڪوششون تيز ڪري ڇڏيون آهن.
ياد رهي ته آمريڪا ۽ ايران وچ ۾ ٻن هفتن لاءِ جنگبندي ٿي رهي آهي، جنهن ۾ آمريڪا حملا بند ڪندو جڏهن ته ايران آبنائے هرمز کي کوليندو.


