ڪيريبين پريميئر ليگ (سي پي ايل) اعلان ڪيو آهي ته هن سال جو ٽورنامينٽ 7 آگسٽ کان شروع ٿيندو.
تفصيل موجب پهريون ڀيرو سي پي ايل جون ميچون سينٽ ونسينٽ اينڊ گريناڊائن جي ارنوسويل اسٽيڊيم ۾ کيڏيون وينديون.
ليگ هن ڀيري رڪارڊ جي برابر اٺ ملڪن ۾ منعقد ڪئي ويندي، جن ۾ اينٽيگوا، بارباڊوس، گيانا، جميڪا، سينٽ ڪٽس اينڊ نيوس، سينٽ لوشيا، سينٽ ونسنٽ ۽ گريناڊائنس ۽ ٽرينيڊاڊ ۽ ٽوباگو شامل آهن.
ليگ جي چيف ايگزيڪيوٽو پيٽ رسل جي مطابق، نئين جڳهن ڏانهن توسيع ليگ جي ويزن جو حصو آهي، جڏهن ته آرنوسويل کي تاريخي ۽ شاندار جڳهه جي طور تي بيان ڪيو ويو آهي.
هن اسٽيڊيم ۾ ماضي ۾ ڪيتريون ئي انٽرنيشنل ميچون کيڏيون ويون آهن.
ٽورنامينٽ 20 سيپٽمبر تائين جاري رهندو ۽ پهريون ڀيرو ستين ٽيم جميڪا ڪنگزمين به شرڪت ڪندي.
پلے آف مرحلو 16 کان 20 سيپٽمبر تائين بارباڊوس جي ڪينسنگٽن اوول ۾ ٿيندو.


