فيفا ورلڊ ڪپ 2026 لاءِ سڀني ٽيمن لاءِ انعامي رقم ۽ فيس وڌڻ جو امڪان

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


فيفا 2026ع جي فٽبال ورلڊ ڪپ لاءِ وڏو مالي فيصلو ڪندي اعلان ڪيو آهي ته ٽورنامينٽ ۾ حصو وٺندڙ سمورن ٽيمن جي انعامي رقم ۽ فيس ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ويندو.

عالمي خبرون ڏيندڙ اداري الجزيره جي رپورٽ موجب فيفا هن وقت ميمبر ملڪن سان صلاح مشورا ڪري رهي آهي ته جيئن ايندڙ 48 ٽيمن تي ٻڌل ورلڊ ڪپ لاءِ مالي پيڪيج کي وڌيڪ بهتر بڻائي سگهجي.

ڪيترن ئي ملڪن ٽورنامينٽ ۾ شرڪت جي وڌندڙ خرچن خاص ڪري آمريڪا ۾ ٽيڪس ۽ انتظامي خرچن تي ڳڻتي جو اظهار ڪيو، جنهن کانپوءِ فيفا انعامي رقم وڌائڻ تي راضي ٿي ويو.

فيفا اڳ ۾ ئي 2026 ورلڊ ڪپ لاءِ رڪارڊ انعامي رقم جو اعلان ڪري چڪو آهي، مجموعي طور تي 655 ملين ڊالر کان 727 ملين ڊالر، هر ٽيم کي گهٽ ۾ گهٽ 10.5 ملين ڊالر وصول ڪرڻ جي ضمانت ڏني وئي آهي.

ذريعن موجب نئين تجويز ڪيل واڌ جو مقصد ان ڳالهه کي يقيني بڻائڻ آهي ته ورلڊ ڪپ ۾ شرڪت سبب ڪنهن به ٽيم کي مالي نقصان نه ٿئي پر سمورين ٽيمن کي بهتر مالي مدد فراهم ڪرڻ آهي.

فيفا ڪائونسل ايندڙ اجلاس ۾ ان حوالي سان حتمي منظوري ڏيندو، جنهن کانپوءِ انعامي رقم ۽ ٽيمن کي ڏنل فيس جا نوان تفصيل پڌرا ڪيا ويندا.

ياد رهي ته 2026 جو فٽبال ورلڊ ڪپ آمريڪا، ڪينيڊا ۽ ميڪسيڪو ۾ منعقد ٿيندو ۽ تاريخ ۾ پهريون ڀيرو هن ميگا ايونٽ ۾ 48 ٽيمون حصو وٺنديون، جنهن سان ٽورنامينٽ جي سائيز ۽ مالي دائري ۾ ڪافي اضافو ٿيندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment