لبنان ۾ گڏيل قومن جي امن مشن تي حملي ۾ زخمي ٿيل هڪ ٻيو اهلڪار فوت ٿي ويو، جنهن جو تعلق پڻ فرانس سان آهي.
عالمي خبرون ڏيندڙ اداري موجب لبنان ۾ گڏيل قومن جي امن مشن جي هڪ ٻئي فرانسيسي اهلڪار جي مارجڻ جي تصديق ڪئي وئي آهي.
فرانسيسي صدر ايمنيوئل ميڪرون چيو آهي ته ڪارپورل اينيسٽ گيرارڊين کي سخت زخمي ٿيڻ بعد وطن واپس آندو ويو هو پر هو اڄ زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.
ياد رهي ته ڪجهه ڏينهن اڳ ڏکڻ لبنان ۾ گڏيل قومن جي امن مشن تحت خدمتون سرانجام ڏيندڙ ٽيم تي حملو ڪيو ويو هو، جنهن ۾ هڪ فرانسيسي اهلڪار موقعي تي مارجي ويو هو ۽ 2 زخمي ٿي پيا هئا.
فرانس حملن جو الزام حزب الله تي لڳايو، پر ايران جي حمايت يافته گروپ ڪنهن به شموليت کي رد ڪري ڇڏيو آهي.
واضح رهي ته متاثر اهلڪار ڏکڻ لبنان ۾ گڏيل قومن جي مشن تحت مقرر هئا، جتي اسرائيل ۽ حزب الله وچ ۾ ڇڪتاڻ سبب صورتحال نازڪ آهي.


