آسٽريليا خلاف ون ڊي سيريز: محمد رضوان ڊراپ، سينيئر رانديگرن جي واپسي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پاڪستان آسٽريليا خلاف ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز لاءِ 16 رڪني اسڪواڊ جو اعلان ڪري ڇڏيو.

تفصيل موجب شاهين شاهه آفريدي آسٽريليا خلاف ون ڊي انٽرنيشنل سيريز ۾ قومي ٽيم جي قيادت ڪندو.

سينيئر بيٽسمين بابر اعظم، نسيم شاهه، شاداب خان ۽ سفيان مقيم جي قومي ٽيم ۾ واپسي ٿي وئي آهي جڏهن ته محمد رضوان کي ڊراپ ڪيو ويو آهي.

اسڪواڊ ۾ رضوان جي جاءِ تي محمد غازي غوري ۽ روحيل نذير کي وڪيٽ ڪيپر بيٽسمين طور شامل ڪيو ويو آهي.

عثمان خان بيماري سبب پرڏيهه ۾ نه اچي سگهيو، جڏهن ته فخر زمان ۽ صائم ايوب زخمي ٿيڻ سبب ريهاب پروگرام جاري رکندا.

پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن جي سيريز 30 مئي کان 4 جون تائين راولپنڊي ۽ لاهور ۾ کيڏي ويندي.

اسڪواڊ:

شاهين شاهه آفريدي (ڪپٽن)، سلمان علي آغا (وائيس ڪپتان)، عبدالصمد، ابرار احمد، احمد دانيال، عرفات منہاس، بابر اعظم، حارث رئوف، معاذ صداقت، محمد غازي غوري، نسيم شاهه، روحيل نذير، صاحبزاده فرحان، شاداب خان، مومن حسين، صوفي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment