اسلام آباد:
پاڪستان ڪويت کي ايل پي جي، ايل اين جي ۽ خام تيل اسٽوريج منصوبن ۾ شريڪ ٿيڻ جي دعوت ڏني آهي.
ايڪسپريس نيوز موجب ڪويت جي سفير ناصر عبدالرحمان جاسر المطيري سان بحري معاملن واري وفاقي وزير اهم ملاقات ڪئي، جنهن ۾ توانائي سٽي ۽ پورٽ انفراسٽرڪچر منصوبن ۾ تعاون تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
سامونڊي معاملن واري وفاقي وزير جنيد انور چوڌري چيو آهي ته گوادر ۽ پورٽ قاسم ۾ سيڙپڪاري جا وسيع موقعا موجود آهن. ڪويت کي ايل پي جي، ايل اين جي ۽ خام تيل جي اسٽوريج منصوبن ۾ ڀائيواري جي دعوت ڏني وئي آهي. پاڪستان ۾ انرجي اسٽوريج قائم ڪرڻ جو منصوبو جاري آهي.
ان موقعي تي ڪويت جي سفير پاڪستان جي بحري ۽ توانائي منصوبن ۾ دلچسپي جو اظهار ڪيو ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ سامونڊي شعبي ۾ سهڪار وڌائڻ تي اتفاق ڪيو.
بحري معاملن واري وزير ڪويت جي سيڙپڪارن کي هر ممڪن سهولتون فراهم ڪرڻ جو يقين ڏياريو.


