اسلام آباد:
وچ اوڀر ۾ جاري ڇڪتاڻ کي نظر ۾ رکندي پاڪستان جون مهيني لاءِ پيٽروليم جا ذخيرا محفوظ ڪري ڇڏيا آهن.
ذريعن موجب 446 ميٽرڪ ٽن خام تيل جون لاءِ محفوظ ڪيو ويو آهي، جڏهن ته 201 ميٽرڪ ٽن ڊيزل جا ذخيرا به مڪمل ڪيا ويا آهن.
ان حوالي سان ذريعن جو وڌيڪ چوڻ آهي ته 98 ميٽرڪ ٽن پيٽرول مقامي سطح تي خريد ڪرڻ جو اندازو لڳايو ويو آهي جڏهن ته 18 ميٽرڪ ٽن جيٽ فيول کي به محفوظ ڪيو ويو آهي. ان کان علاوه 12 ڏينهن لاءِ JP-8 فيول جا اسٽريٽجڪ ذخيرا پڻ محفوظ ڪيا ويا آهن.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هنگامي صورتحال ۾ پيٽروليم شين جي فراهمي برقرار رکڻ لاءِ سمورا ضروري قدم کنيا ويا آهن. جون لاءِ 18 ميٽرڪ ٽن ايل پي جي جا به انتظام ڪيا ويا آهن.
ذريعن موجب سيز فائر کانپوءِ انرجي سڪيورٽي بابت ڊگهي مدي وارو پلان به تيار ڪيو ويندو.


