حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي ڪري ڇڏي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read



وفاقي حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو آهي. پيٽروليم ڊويزن طرفان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽروليم شين جا نوان اگهه 23 مئي 2026ع کان ايندڙ هڪ هفتي لاءِ لاڳو هوندا، حڪومت ڊيزل جي قيمت ۾ 6 رپيا 80 پئسا في ليٽر ۽ پيٽرول جي قيمت ۾ 6 رپيا 80 پئسا في ليٽر گهٽتائي ڪئي آهي. حڪومتي فيصلي کانپوءِ پيٽرول جي نئين قيمت 403 رپيا 78 پيسا ۽ ڊيزل جي قيمت 402 رپيا 78 پيسا ٿي ويندي. ياد رهي ته حڪومت گذريل هفتي پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ 5 رپيا في ليٽر گهٽتائي ڪئي هئي جنهن کانپوءِ پيٽرول ۽ ڊيزل جي قيمت ۾ بالترتيب 409 رپيا 78 پئسا ۽ 409 رپيا 58 پيسا في ليٽر في ليٽر اگهه مقرر ڪيو ويو هو. حڪومت پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ واڌ ڪئي هئي، جنهن جي نتيجي ۾ پيٽرول 414 رپيا 78 پئسا في ليٽر ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل 414 رپيا 58 پئسا في ليٽر ٿي ويو آهي.



Source link

Share This Article
Leave a Comment