سوئي سدرن گئس ڪمپني صنعتي شعبي کي 24 ڪلاڪن لاءِ گئس جي فراهمي معطل ڪري ڇڏي.
سوئي گيس ڪمپني جي بيان موجب سسٽم ۾ گيس جي کوٽ سبب سوئي سدرن گيس ڪمپني جي انتظاميا فيصلو ڪيو آهي ته سمورن شعبن ۾ گئس جي منصفاڻي ورڇ کي يقيني بڻائڻ ۽ لائين پيڪ کي بهتر بڻائڻ لاءِ سمورن صنعتي صارفين (ڪيپٽيو پاور پلانٽس سميت) کي گئس جي فراهمي 24 ڪلاڪن لاءِ معطل ڪئي ويندي.
ايس ايس جي سي موجب آچر 12 اپريل 2026 جي صبح 8 وڳي کان سومر 13 اپريل 2026 جي صبح 8 وڳي تائين گئس جي فراهمي بند ڪئي ويندي.
سوئي سدرن گئس ڪمپني پنهنجي گراهڪن کي گئس جو بهتر پريشر فراهم ڪرڻ لاءِ مسلسل پرعزم آهي.


