حڪومت گاسليٽ سستو ڪري ڇڏيو، نئين قيمتن جو نوٽيفڪيشن جاري

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اسلام آباد:

حڪومت گاسليٽ جي قيمت ۾ 6 رپيا 85 پئسا في ليٽر گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي.

اوگرا پاران جاري ڪيل باضابطه نوٽيفڪيشن موجب گاسليٽ جي نئين قيمت 227 رپيا 5 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.

ان کان اڳ گاسليٽ جو اگهه 233.90 رپيا في ليٽر هو، جنهن ۾ تازي گهٽتائي کانپوءِ صارفين کي مالي رليف ڏنو ويو آهي.

واضح رهي ته پيٽروليم ڊويزن گذريل ڏينهن پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي اگهن ۾ ڪابه تبديلي نه ڪرڻ جو فيصلو ڪيو هو. ان حوالي سان جاري ڪيل نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي قيمت 299 رپيا 50 پيسا ۽ ڊيزل جي قيمت 311 رپيا 47 پيسا في ليٽر برقرار رکي وئي آهي، جنهن تي عمل اڄ کان ڪيو ويو آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment