مشهور مذهبي جماعت ناصر مدني تڪراري بيان تي اداڪارا مومنه اقبال کان معافي گهري ورتي.
تفصيل موجب اداڪارا مومنه اقبال ۽ ليگي ايم پي اي ثاقب چشتي وچ ۾ تڪرار سامهون اچڻ بعد علامه ناصر مدني تقرير دوران مومنه اقبال تي تنقيد ڪئي.
هن اداڪار تي سنگين الزام هنيا ۽ کيس تڪرار جو ذميوار قرار ڏنو.
ان کانپوءِ مومنا اقبال ناصر مدني جي بيان تي ناراضگي جو اظهار ڪندي قانوني ڪارروائي جو اشارو ڏنو ۽ پوءِ 17 جون تي پنهنجي قانوني ٽيم ذريعي کيس 17 ڪروڙ رپيا هرجاڻي جو نوٽيس اماڻيو.
اداڪارا پنهنجي وڪيل ايڊووڪيٽ عدنان احسان خان جي معرفت ناصر مدني کي قانوني نوٽيس جاري ڪيو، جنهن ۾ وضاحت، معافي ۽ مبينه توهين آميز بيانن تي لاڳاپيل مواد هٽائڻ جو مطالبو ڪيو ويو.
قانوني نوٽيس ۾ موقف اختيار ڪيو ويو آهي ته ناصر مدني پاران مومنه اقبال بابت ڏنل ڪجهه بيانن سان سندس ساک، عزت ۽ پروفيشنل زندگي کي نقصان پهتو، اهي ريمارڪس بدنامي جي زمري ۾ اچن ٿا، تنهن ڪري انهن کي فوري طور رد ڪيو وڃي ۽ عوامي معافي گهري وڃي.
اداڪاره تڪراري بيان ڏيڻ تي 17 ڪروڙ رپيا معاوضي جو به مطالبو ڪيو هو.
هاڻ ڪالهه هڪ جلسي کي خطاب ڪندي ناصر مدني مومنه اقبال کي مخاطب ٿيندي چيو ته جيڪڏهن منهنجي ڪنهن ڳالهه مان اوهان کي يا اوهان جي گهروارن کي ڏک پهتو ته مان غير مشروط معافي گهران ٿو.
هن اداڪارا جي ڀيڻ سميت ٻين وس وارن کي اپيل ڪئي ته سرگوڌا ۾ جنسي ڏاڍائي بعد قتل ٿيل نينگري منٿا جي انصاف لاءِ آواز اٿاريو وڃي.
ناصر مدني جي معافي ۽ معافي واري بيان کان پوءِ هن وقت تائين اداڪارا طرفان ڪو به جواب نه آيو آهي.


