ڪراچي جي رهواسي موبائل ڊيلر علي جميل کي بلوچستان جي ريگستاني علائقي ۾ اڻڄاتل هٿياربندن فائرنگ ڪري قتل ڪري ڇڏيو. ڪراچي موبائيل اينڊ اليڪٽرونڪس ڊيلرز ايسوسيئيشن جي چيئرمين منہاج گلفام موجب اهو افسوسناڪ واقعو گذريل رات ان وقت پيش آيو جڏهن ناظم آباد جو ڪٽنب ڪار ۾ ڪراچي کان ڪوئيٽا وڃي رهيو هو. مبينا طور تي گوگل ميپس جي غلط هدايتن سبب خاندان ريگستان ۾ خند پهچي ويو هو. اڻڄاتل هٿياربندن گهر ڀاتين جي ڪار تي انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني، جنهن جي نتيجي ۾ ڪراچي جو رهواسي ۽ ڪٽنب جو سربراهه علي جميل مارجي ويو ۽ عورت سخت زخمي ٿي پئي، جڏهن ته ان سان گڏ ٻه ٻارڙا به محفوظ رهيا. منہاج گلفام جو چوڻ هو ته مارجي ويل علي جميل ايسوسيئيشن جو ميمبر هو، جنهن جو لاش ۽ زخمي عورت کي ڪراچي منتقل ڪيو ويو آهي. مقتول علي جميل ڪراچي جي علائقي ناظم آباد جو رهواسي هو ۽ موبائل فون جو ڪاروبار ڪندو هو. ڪراچي جي موبائيل مارڪيٽ سان لاڳاپيل واپاري علي جميل جي لاڏاڻي تي ڪراچي موبائيل اينڊ اليڪٽرانڪس ڊيلرز ايسوسي ايشن جي صدر منہاج گلفام ان افسوسناڪ واقعي تي گهري ڏک جو اظهار ڪندي علي جميل جي مغفرت ۽ پونئرن لاءِ صبر جي دعا ڪئي آهي. منہاج گلفام وفاقي حڪومت کان دهشتگردن جي بزدلاڻي ڪارروائي جو فوري نوٽيس وٺندي جاچ ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي. هن چيو ته مرحوم علي جميل جي جنازي نماز آچر تي سندس رهائشگاهه تي واقع بهادر يار جنگ ڪوآپريٽو سوسائٽي محمد عبدالرحمان رئيس روڊ ناظم آباد جي ڀرسان واري مسجد ۾ ادا ڪئي ويندي.
Source link

بلوچستان ۾ اڻڄاتل هٿياربندن ڪراچي ۾ رهندڙ موبائل ڊيلر کي قتل ڪري ڇڏيو
Leave a Comment Leave a Comment

