ايران خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪي فوجن آبنائے هرمز ۾ داخل ٿيڻ يا آپريشن ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي ته انهن کي نشانو بڻايو ويندو.
ايراني فوج طرفان اهو بيان ان وقت سامهون آيو آهي جڏهن آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ آبنائي هرمز ۾ ڦاٿل جهازن کي ڪڍڻ لاءِ بحري مشن جو اعلان ڪيو هو.
ايراني فوج طرفان جاري ڪيل بيان ۾ چيو ويو آهي ته هن اهم آبي گذرگاهه جي سيڪيورٽي مڪمل طور تي ايراني هٿياربند فوج جي هٿ ۾ آهي ۽ ان تان گذرندڙ سمورين سامونڊي ٽريفڪ کي ايراني فوج سان مڪمل سهڪار سان هلائڻو پوندو.
بيان ۾ ڪمرشل جهازن ۽ آئل ٽينڪرز کي هدايت ڪئي وئي آهي ته هو آبنائے هرمز مان بغير اجازت يا رابطي جي گذرڻ جي ڪوشش نه ڪن، ڇو ته ان سان سندن سلامتي کي خطرو ٿي سگهي ٿو.
ايراني اختيارين موجب هن آبي گذرگاهه جي حفاظت لاءِ هر ممڪن قدم کنيا ويندا.
پنهنجي بيان ۾، ايراني فوج خاص طور تي خبردار ڪيو آهي ته ڪنهن به غير ملڪي فوجي قوت، خاص طور تي آمريڪي فوج جي خلاف فوري طور تي ڪارروائي ڪئي ويندي، جيڪڏهن اهو هرمز جي ويجهو يا داخل ٿيڻ جي ڪوشش ڪئي.
ماهرن موجب ان بيان کانپوءِ خطي ۾ ڇڪتاڻ وڌي سگهي ٿي، جڏهن ته ان سان عالمي واپار ۽ توانائي جي ترسيل تي اثر پوڻ جو خدشو آهي، ڇو ته آبنائے هرمز دنيا جي تيل جي اهم ترين گذرگاهن مان هڪ آهي.


