آن لائين منشيات وڪرو ڪندڙ 3 جوابدار گرفتار، 19 ڪلو چرس هٿ

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


ڪراچي:

ايس آءِ يو ڪراچي آن لائين منشيات فروشن خلاف ڪارروايون ڪندي 3 جوابدارن کي گرفتار ڪري 19 ڪلو چرس هٿ ڪري ورتي.

ايڪسپريس نيوز موجب پهرين ڪارروائي مچھر ڪالوني ٿاڻي جي حد ۾ اسلام ڪانتا وٽ ڪاٺ جي گودام تي ڪئي وئي، ڇاپي دوران ٻن وڏن آن لائين منشيات فروشن کي گرفتار ڪيو ويو، جن جي سڃاڻپ خانزاده عرف پهلوان ولد عمر خطاب ۽ فضل ملڪ ولد عامر ملڪ طور ٿي آهي. گرفتار منشيات فروش جي قبضي مان 12 ڪلو 90 گرام چرس هٿ ڪئي وئي.

هڪ ٻي ڪارروائي نيشنل هاءِ وي ويجهو سنڌي جماعت ڪوآپريٽو هائوسنگ سوسائٽي، شاهه لطيف ٽائون ٿاڻي جي حد ۾ ڪئي وئي، جنهن دوران بدنام منشيات فروش عطا الرحمان ولد عبدالرحمان کي گرفتار ڪري 7 ڪلو 135 گرام چرس هٿ ڪئي وئي.

گرفتار جوابدارن خلاف ٿاڻي ايس آءِ يو ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، ابتدائي جاچ ۾ انڪشاف ٿيو آهي ته جوابدار آن لائين آرڊر وٺي منشيات فراهم ڪندا هئا.

ايس ايس پي ايس آءِ يو جو چوڻ آهي ته نوجوان نسل کي منشيات جي لعنت کان بچائڻ لاءِ منشيات فروشن خلاف بنا فرق ڪارروائي تيز ڪئي ويندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment