ايران آمريڪا ڳالهيون: فيلڊ مارشل سرڪاري دوري تي تهران روانو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


چيف آف ڊفينس فورس فيلڊ مارشل عاصم منير سرڪاري دوري تي ايران روانو ٿي ويو.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته فيلڊ مارشل عاصم منير ايران جي سرڪاري دوري تي روانو ٿي ويو آهي، دوري دوران ايران آمريڪا ڳالهين، خطي ۾ امن ۽ ٻين اهم معاملن تي ڳالهيون ڪندو.

سڪيورٽي ذريعن جو چوڻ آهي ته دوري دوران فيلڊ مارشل عاصم منير اهم ايراني شخصيتن سان ملاقاتون ڪندو.

ان کان اڳ وفاقي گهرو وزير محسن نقوي به ايران جي دوري تي ويو ۽ ايراني هم منصب ۽ ٻين اعليٰ اڳواڻن سان ملاقاتون ڪيون.

رپورٽن مطابق محسن نقوي 24 ڪلاڪن ۾ 2 ڀيرا ايران جو دورو ڪيو آهي جتي هن ايراني اعليٰ قيادت سان ملاقاتون ڪيون آهن.

آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو ڪالهه صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته ايران سان ڳالهين ۾ ڪنهن نتيجي تي پهچڻ جي اميد آهي ۽ ان حوالي سان پاڪستان جو ثالثي وفد ايران جو دورو ڪندو.

مارڪو روبيو جو چوڻ هو ته پاڪستان جو وفد سيز فائر جي مسودي تي ڳالهه ٻولهه لاءِ ايران وڃي رهيو آهي ۽ هاڻوڪي ڳالهين ۾ سٺا اشارا نظر اچي رهيا آهن ۽ محدود اڳڀرائي ٿي آهي، جڏهن ته ڪجهه ڏينهن ۾ صورتحال واضح ٿي ويندي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment