هڪ نئين عالمي سروي رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته آمريڪا بابت عالمي راءِ مسلسل ٻئي سال به خراب ٿي وئي آهي ۽ هاڻي روس کان به وڌيڪ ناڪاري طور ڏٺو پيو وڃي. برطانوي خابرو اداري رائٽرز موجب ڊنمارڪ ۾ قائم الائنس آف ڊيموڪريسيز فائونڊيشن پاران ڪيل سالياني جمهوريت سروي ۾ چيو ويو آهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ جي پاليسين عالمي سطح تي آمريڪا جي تصوير کي سخت نقصان پهچايو آهي. رپورٽ موجب آمريڪا جي خالص ڪارڪردگيءَ جي ريٽنگ ٻه سال اڳ مثبت 22 سيڪڙو هئي جيڪا هاڻي منفي 16 سيڪڙو تي اچي وئي آهي، جڏهن ته روس جي ريٽنگ منفي 11 سيڪڙو رڪارڊ ڪئي وئي. ٻئي طرف چين جي ريٽنگ 7 سيڪڙو تي مثبت رهي. سروي ۾ دنيا جي مختلف ملڪن جي شهرين کان پڇيو ويو ته روس ۽ اسرائيل کانپوءِ دنيا جي امن لاءِ سڀ کان وڏو خطرو ڪهڙو ملڪ آهي، جنهن تي هڪ وڏي انگ آمريڪا جو نالو ورتو. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته ٽرمپ انتظاميه جي پرڏيهي پاليسي، نيٽو اتحادين سان ڇڪتاڻ، وسيع واپاري محصول، گرين لينڊ تي ڪنٽرول جا خطرا، يوڪرين لاءِ آمريڪي امداد ۾ گهٽتائي ۽ ايران سان جنگ عالمي سطح تي آمريڪا لاءِ ناڪاري جذبن کي وڌايو آهي. فائونڊيشن جي باني ۽ اڳوڻي نيٽو سربراهه جو چوڻ هو ته آمريڪا جي عالمي تصوير ۾ اها تيزيءَ سان زوال يقيناً افسوسناڪ آهي، پر هاڻوڪي آمريڪي پاليسين کي ڏسندي اها حيرت جي ڳالهه ناهي.
Source link

آمريڪا دنيا لاءِ سڀ کان وڏو خطرو آهي؟ عالمي سروي رپورٽ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي
Leave a Comment Leave a Comment

