آسٽريليا خلاف ون ڊي اسڪواڊ ۾ شامل قومي ڪرڪيٽ ٽيم جا رانديگر پنهنجي گهرڀاتين سان عيد ملهائڻ لاءِ گهر پهچي ويا.
ٽيم ذريعن موجب قومي اسڪواڊ عيد جي موڪلن کانپوءِ خميس تي ٻيهر اسلام آباد پهچندو جتي رانديگر سيريز جون تياريون شروع ڪندا.
قومي ٽيم 29 مئي تي ڀرپور پريڪٽس سيشن ۾ شرڪت ڪندي.
پاڪستان ۽ آسٽريليا وچ ۾ ٽن ون ڊي ميچن تي ٻڌل سيريز جي پهرين ون ڊي ميچ 30 مئي تي کيڏي ويندي.


