اسپين جي قومي فٽبال ٽيم فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جو ٽائيٽل کٽڻ بعد وطن واپس پهچي وئي، جتي رانديگرن ۽ آفيسرن شاندار استقبال ڪيو. ورلڊ ڪپ جي فائنل ۾ دفاعي چيمپيئن ارجنٽائن کي شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو عالمي چيمپيئن بڻجندڙ اسپينش ٽيم جو خاص جهاز اسپين جي راڄڌاني ميڊرڊ پهتو. پهرين ٽيم جو ڪپتان روڊري هٿن ۾ ورلڊ ڪپ ٽرافي کڻي جهاز مان ٻاهر آيو ته تاريخي فتح جي خوشي سندس چهري تي نمايان هئي. ان موقعي تي اسپين جو هيڊ ڪوچ لوئس ڊي لا فوئنٽي ۽ اسپينش فٽبال فيڊريشن جو صدر رافيل لوزان به ٽيم سان گڏ موجود هئا. ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم جي استقبال لاءِ مداحن جو وڏو انگ ايئرپورٽ تي موجود هو، جن رانديگرن جو گرمجوشي سان استقبال ڪيو ۽ سندن حق ۾ نعرا هنيا. واضح رهي ته گذريل ڏينهن نيويارڪ جي نيو جرسي اسٽيڊيم ۾ کيڏيل فيفا ورلڊ ڪپ 2026 جي فائنل ۾ اسپين اضافي وقت ۾ دفاعي چيمپيئن ارجنٽائن کي 1-0 تان شڪست ڏئي 2010 کانپوءِ ٻيو ڀيرو عالمي چيمپيئن بڻجڻ جو اعزاز حاصل ڪيو هو. ان تاريخي فتح سان اسپين ايندڙ چئن سالن تائين فٽبال جي دنيا تي پنهنجي راڄ قائم ڪري ورتي.
Source link

فيفا ورلڊ ڪپ کٽيندڙ ٽيم جو شاندار وطن واپسي، ميڊرڊ ۾ تاريخي استقبال
Leave a Comment Leave a Comment

