طاهر زمان پي ايڇ ايف جو ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس اينڊ ڊولپمينٽ مقرر

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


پاڪستان هاڪي فيڊريشن (پي ايڇ ايف) اولمپين طاهر زمان کي ڊائريڪٽر هاءِ پرفارمنس اينڊ ڊولپمينٽ مقرر ڪري ڇڏيو.

اولمپئن طاهر زمان ايشيا جو سينيئر هاءِ پرفارمنس ڪوچ آهي ۽ گڏوگڏ FIH اڪيڊمي ٽرينر ۽ تعليم ڏيندڙ ۽ FIH هاءِ پرفارمنس ليول 6 ڪوچ آهي.

ان کان علاوه هو ايف آءِ اي جي رولز بورڊ ڪميٽي جو ميمبر پڻ رهيو آهي.

پاڪستان هاڪي فيڊريشن جي صدر محي الدين احمد واني، پي ايڇ ايف ڊولپمينٽ ڪميٽي جي چيئرمين اولمپين اصلاح الدين صديقي ۽ اولمپين حسن سردار اولمپين طاهر زمان لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪندي اميد ظاهر ڪئي آهي ته هو پنهنجي تجربي سان پاڪستان هاڪي جي بحاليءَ ۾ ڪردار ادا ڪندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment