اوول ٽيسٽ: ڪپتان بين اسٽوڪس جي غيرموجودگي ۾ انگلش ٽيم مشڪل ۾ پئجي وئي

sindhvoice70@gmail.com
1 Min Read


اوول ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن انگلينڊ کي نيوزيلينڊ خلاف مشڪل صورتحال کي منهن ڏيڻو پيو.

اوول ۾ کيڏيل ميچ ۾ انگلينڊ جي ڪپتان بين اسٽوڪس جي غيرموجودگي ۾ پهرين ڏينهن جي ڪارڪردگي حوصلا افزائي ڪئي پر ٻئي ڏينهن ناقص حڪمت عملي سبب اهم ڪيچ ڊراپ ٿيو ۽ گلين فلپس جي شاندار سينچري ميچ جو رخ ئي بدلائي ڇڏيو.

نيوزيلينڊ 7 وڪيٽن جي نقصان تي 391 رنسون ٺاهي پنهنجي نامڪمل اننگز ختم ڪئي.

انگلينڊ طرفان ايميليو جي اڌ سينچري اسڪور ڪئي جڏهن ته وقتي ڪپتان جو روٽ 46 رنسون ٺاهيون پر ٽيم اوچتو دٻاءُ ۾ اچي وئي ۽ 35 رنسن جي اندر 3 وڪيٽون وڃائي ويٺي.

انگلينڊ لاءِ بين ڊڪٽ جو رن آئوٽ به نقصانڪار ثابت ٿيو، جنهن غير ضروري رن ٺاهڻ جي ڪوشش ۾ هڪ وڪيٽ وڃائي ويٺي.

ميٽ هينري بعد ۾ روٽ ۽ هيري بروڪ کي فوري طور تي آئوٽ ڪري انگلينڊ کي وڌيڪ مصيبت ۾ وجهي ڇڏيو.

ڏينهن جي پڄاڻي تي انگلينڊ 6 وڪيٽون وڃائي 222 رنسون ٺاهي ورتيون ۽ اڃا تائين 169 رنسن کان پوئتي آهي.





Source link

Share This Article
Leave a Comment