آسٽريليا جي ٽاپ ڪرڪيٽرن بهتر پگهار لاءِ بگ بيش بدران ايس اي ٽي ٽوئنٽي ليگ ۾ وڃڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.
رپورٽ موجب پيٽ ڪمنز سميت ڪجهه سينيئر رانديگر 2028ع ۾ ڏکڻ آفريڪي ليگ ۾ کيڏڻ لاءِ اين او سي وٺڻ تي سنجيدگي سان غور ڪري سگهن ٿا.
رانديگرن جو چوڻ آهي ته بگ بيش جون پگهارون دنيا جي وڏن فرنچائز ليگز جي مقابلي ۾ تمام گهٽ آهن.
پيٽ ڪمنز، جوش هيزل ووڊ ۽ مچل اسٽارڪ کي هن سال انگلينڊ جي دي هينڊريڊ ليگ ۾ کيڏڻ لاءِ 800,000 ڊالرن جي آڇ ڪئي وئي پر هن آسٽريليا خلاف بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز کيڏڻ جو انتخاب ڪيو.
رپورٽن ۾ اهو به چيو ويو آهي ته ڪرڪيٽ آسٽريليا بگ بيش ۾ اوورسيز ڊرافٽ سسٽم کي ختم ڪرڻ تي غور ڪري رهيو آهي.
2022ع کان پرڏيهي رانديگرن تي ڪروڙين ڊالر خرچ ڪيا ويا آهن، جڏهن ته مقامي آسٽريلوي رانديگر گهٽ پگهار تي ناراض آهن.
ٻئي طرف پيٽ ڪمنز انهن خبرن کي ”افواهون“ قرار ڏنو آهي.


