قومي ڪرڪيٽ ٽيم جي بيٽسمين بابر اعظم درد ختم ٿيڻ کانپوءِ نيٽ تي بيٽنگ جي مشق ٻيهر شروع ڪري ڇڏي آهي.
بابر اعظم کاٻي ڳچيءَ ۾ زخمن سبب ڍاڪا ۾ شروع ٿيندڙ پهرين ٽيسٽ ميچ مان ٻاهر ٿي ويو.
تازين رپورٽن موجب، هو تيزيءَ سان صحتياب ٿي رهيو آهي.
ٽيم ذريعن موجب بابر بيٽنگ ڪوچ اسد شفيق جي نگراني ۾ نيٽ تي ڀرپور پريڪٽس ڪئي، جڏهن ته ان موقعي تي ٽيم جو فزيو ۽ ٽرينر پڻ موجود هئا.
پريڪٽس سيشن دوران بابر اعظم به بنا ڪنهن پريشانيءَ جي وڪيٽن جي وچ ۾ ڊوڙيو، جنهن کانپوءِ سندس ايندڙ ٽيسٽ ميچ ۾ شرڪت جا امڪان روشن ٿي ويا آهن.
پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ ٻي ٽيسٽ 16 مئي کان 20 مئي تائين سلهٽ انٽرنيشنل ڪرڪيٽ اسٽيڊيم ۾ کيڏي ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته بابر جي زخم گهڻي سنگين نه هئي ۽ ٽيم انتظاميا احتياطي قدم طور کيس پهرين ٽيسٽ کان آرام ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.
وڌيڪ ڄاڻايو ويو آهي ته بابر اعظم پاڻ ٽيم مان ٻاهر رهڻ جي درخواست ناهي ڪئي پر فيصلو مڪمل طور انتظاميا ڪيو هو.
واضح رهي ته بابر اعظم تازو ئي شاندار فارم ۾ آهي، هن پاڪستان سپر ليگ جي 11هين ايڊيشن ۾ 588 رنسون اسڪور ڪيون ۽ ٽورنامينٽ ۾ سڀ کان وڌيڪ رنسون اسڪور ڪندڙ بيٽسمين جو اعزاز حاصل ڪيو.


