آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ايران طرفان پيش ڪيل جنگ بندي جي تجويز کي بيوقوف ۽ ناقابل قبول قرار ڏيندي چيو ته معاهدو ”لائف سپورٽ“ تي آهي ۽ ڪنهن به وقت ختم ٿي سگهي ٿو.
وائيٽ هائوس ۾ صحافين سان ڳالهائيندي ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته ”مان چوندس ته جنگبندي جو معاهدو آخري ساهه وٺي رهيو آهي، جيئن ڪو ڊاڪٽر اندر اچي ۽ چوي ته توهان جي پياري جي بقا جو هڪ سيڪڙو چانس آهي.
صدر ڊونلڊ ٽرمپ وڌيڪ چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ موجوده صورتحال نازڪ مرحلي ۾ داخل ٿي چڪي آهي.
آمريڪي صدر ايران پاران پيش ڪيل تازي امن منصوبي کي به سختي سان رد ڪندي چيو ته اها بيوقوفي واري تجويز آهي ۽ ان کي ڪير به قبول نه ڪندو.
صدر ٽرمپ چيو ته ايران پنهنجي نئين تجويز ۾ واضح طور تي ايٽمي هٿيار نه ٺاهڻ جو ذڪر ناهي ڪيو. اهو ئي سبب آهي ته ايران سان جنگ بندي جي صورتحال اڃا تائين غير يقيني آهي.
سي اين بي سي سان هڪ انٽرويو ۾، صدر ٽرمپ شڪايت ڪئي ته ڪرد کيس ڇڏي ڏنو آهي. ايران ڳالهين ۾ هڪ موقف اختيار ڪري ٿو ۽ بعد ۾ ان کان پوئتي هٽي ٿو.
صدر ٽرمپ جو چوڻ هو ته ايرانين چيو ته آمريڪا ايٽمي مواد کڻي سگهي ٿو پر ايرانين کي پاڻ ٻاهر نڪرڻو پوندو.
آمريڪي صدر وڌيڪ چيو ته ايران ۾ هن وقت اعتدال پسند ۽ سخت گير عنصر موجود آهن. اسان ايران خلاف پنهنجا مقصد حاصل ڪري چڪا آهيون.
صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته ايرانين تازن هفتن ۾ پنهنجون صلاحيتون ٻيهر ٺاهڻ جي ڪوشش ڪئي پر ناڪام ٿي ويندا.


