پاڪستان سپر ليگ 11 جي فاتح ٽيم پشاور زلمي جي اڳواڻي ڪندڙ بابر اعظم پنهنجي ساٿي خرم شهزاد سان گڏ ڍاڪا پهچي ويو.
رپورٽن مطابق ڍاڪا ايئرپورٽ تي بابر اعظم ۽ خرم شهزاد جو شاندار استقبال ڪيو ويو. ٻئي رانديگر بنگلاديش خلاف ٽيسٽ سيريز لاءِ پاڪستاني ڪرڪيٽ ٽيم جو حصو آهن.
ايئرپورٽ تي موجود ماڻهن بابر اعظم جي واکاڻ ڪئي ۽ سندس حق ۾ نعرا هنيا، بابر اعظم مسڪرائي ۽ هٿ هڻندي مداحن جو شڪريو به ادا ڪيو.
ذريعن موجب پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم اڱاري کان باقاعده تربيتي مشقون شروع ڪندي.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ بنگلاديش وچ ۾ سيريز جي پهرين ميچ 8 مئي کان شير بنگلا نيشنل اسٽيڊيم ميرپور ۾ کيڏي ويندي جڏهن ته ٻي ٽيسٽ 16 مئي کان سلهٽ ۾ شروع ٿيندي.
ميچون ICC ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ 2025-27 جو حصو هونديون.
پاڪستان جي 16 رڪني ٽيم ۾ شان مسعود (ڪپتان)، امام الحق، بابر اعظم، سعود شڪيل، محمد رضوان، محمد عباس، حسن علي، خرم شهزاد، ساجد خان، نعمان علي، غازي غوري، اذان اويس، سلمان علي آغا، شاهين شاهه آفريدي، عبدالله فضل ۽ مان شامل آهن. غازي غوري، اذان اويس، عبدالله فضل ۽ عماد بٽ ريزرو رانديگر آهن.
قومي ٽيم جو اڳوڻو ڪپتان سرفراز احمد هيڊ ڪوچ، عمر گل بالنگ ڪوچ ۽ اسد شفيق بيٽنگ ڪوچ آهي.


