آمريڪي ميڊيا دعويٰ ڪئي آهي ته آمريڪي نيوي پاران قبضو ڪيل ايراني سامان پاڪستان منتقل ڪيو ويو آهي.
آمريڪي ميڊيا آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ (سينٽ ڪام) جو حوالو ڏيندي ٻڌايو آهي ته آمريڪا ايراني بندرگاهن جي ناڪابندي دوران قبضو ڪيل ايراني سامان کي عملي سميت پاڪستان منتقل ڪري ڇڏيو آهي ته جيئن ان کي ايران واپس ڪيو وڃي.
نشرياتي اداري اي بي سي نيوز سينٽر ڪام جي ترجمان ڪيپٽن ٽم هاڪنز جي حوالي سان ٻڌايو ته آمريڪي فورسز ايم وي ٽوسڪا ۽ عملي جي 22 ميمبرن کي وطن واپسي لاءِ پاڪستان منتقل ڪري ڇڏيو آهي.
ڇهه ٻيا مسافر اڳ ۾ ئي گذريل هفتي ايران ڏانهن موٽڻ لاءِ هڪ ملڪ ڏانهن منتقل ڪيا ويا هئا ، هاڪنز شامل ڪيو.
ٻئي طرف سينٽ ڪام ان حوالي سان تصديق جي درخواست جو جواب ناهي ڏنو، جڏهن ته پاڪستاني ۽ ايراني اختيارين به ان رپورٽ جي تصديق ناهي ڪئي.
واضح رهي ته آمريڪي بحريه 19 اپريل تي خليج عمان ۾ ٽوسڪا جهاز کي پڪڙي ورتو هو جڏهن هن مبينا طور تي پابندي واري هدايتن تي عمل ڪرڻ کان انڪار ڪيو هو.


