تهران: ايران جي پرڏيهي وزير عباس عراقچي تصديق ڪئي آهي ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ سفارتي لاڳاپا نه ٽوڙيا ويا آهن، پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ مٽا سٽا ۽ تجويزن جو جائزو ورتو پيو وڃي.
لبناني ٽي وي کي ڏنل هڪ انٽرويو ۾ عباس عراقچي چيو ته ايران جي هٿياربند فوج آمريڪي مفادن يا هنڌن جي خلاف دفاعي ڪارروائي جاري رکي ٿي ۽ ايران ڪنهن به جارحيت جو تڪڙو ۽ فيصلائتو جواب ڏيڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن اسرائيل بيروت يا لبنان جي ڪنهن حصي تي حملو ڪيو ته ايران سخت ۽ فيصلائتو جواب ڏيندو.
ان کان اڳ ايراني پرڏيهي وزير پاڪستان، سعودي عرب، فرانس، ترڪي، قطر ۽ مصر سميت خطي جي ڪيترن ئي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ٽيليفونڪ رابطا پڻ ڪيا. انهن رابطن ۾ خطي جي تازي صورتحال ۽ ڇڪتاڻ ۾ گهٽتائي جي امڪانن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ان کان علاوه ايراني سفارتي ذريعن موجب عباس عراقچي پاڪستان جي آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير سان ٽيليفون تي به ڳالهه ٻولهه ڪئي، جنهن ۾ علائقائي امن ۽ سلامتي جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ماهرن موجب ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ رابطن جو تسلسل ان ڳالهه جو اشارو آهي ته جيتوڻيڪ خطي ۾ ڇڪتاڻ موجود آهي پر سفارتي چينل مڪمل طور تي بند نه ٿيا آهن ۽ اڃا به امڪاني ڳالهين واري عمل جي گنجائش موجود آهي.


