نيويارڪ جي ميئر زهران مامداني اسرائيلي ڏهاڙي جي پريڊ ۾ شرڪت نه ڪندو

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


نيويارڪ سٽي جي ميئر زهران مامداني اعلان ڪيو آهي ته هو هن سال اسرائيلي ڏهاڙي جي پريڊ ۾ شرڪت نه ڪندو، جڏهن ته پريڊ لاءِ شهر ۾ سيڪيورٽي جا سخت انتظام ڪيا ويا آهن.

پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب اسرائيل ڊي پريڊ آچر تي نيويارڪ جي ففٿ ايونيو تي ٿيندي، جنهن ۾ هزارين ماڻهن جي شرڪت جو امڪان آهي. پريڊ لاءِ شهر ۾ غير معمولي سيڪيورٽي پلان جوڙيو ويو آهي.

نيويارڪ جي پوليس ڪمشنر جيسيڪا ٽش ميڊيا بريفنگ دوران ٻڌايو ته هن سال جي پريڊ لاءِ تاريخ جو سخت ترين سيڪيورٽي پلان تيار ڪيو ويو آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ وڌندڙ دهشتگردي جي واقعن ۽ سيڪيورٽي خدشن سبب ڪنهن به قسم جي نرمي نه ڪئي ويندي.

ٻئي طرف ميئر زهران ممداني واضح ڪيو ته هن چونڊ مهم دوران اعلان ڪيو هو ته هو اسرائيلي حڪومت جي پاليسين سبب پريڊ ۾ شرڪت نه ڪندو.

ميئر مامداني چيو ته جيتوڻيڪ هو پاڻ پريڊ ۾ شرڪت نه ڪندو پر شهر جي هر شهري جي حفاظت سندس ذميواري آهي ۽ ان مقصد لاءِ پوليس مڪمل طور تي سرگرم رهندي.

اختيارين موجب پريڊ ۾ ايندڙ ماڻهن کي سخت سيڪيورٽي اسڪريننگ مان گذرڻو پوندو، جڏهن ته وڏا بيگز، هٿيار، ڪرسيون ۽ وڏا جهنڊا کڻي اچڻ تي پابندي هوندي. پوليس شهرين کي صلاح ڏني آهي ته پبلڪ ٽرانسپورٽ استعمال ڪن ڇو ته ڪيترائي رستا بند رهندا.

رپورٽن مطابق پريڊ ۾ اڳوڻو ميئر ايريڪ ايڊمز به شرڪت ڪندو، جڏهن ته پوليس خبردار ڪيو آهي ته سيڪيورٽي قاعدن جي ڀڃڪڙي ڪندڙن کي گرفتار ڪيو ويندو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment