بالي ووڊ جي مشهور اداڪارا پوجا ڀٽ پنهنجي والد ۽ مشهور فلمساز مهيش ڀٽ جي ذاتي زندگي بابت اهم انڪشاف ڪندي چيو آهي ته هن اداڪارا سوني رازدان سان شادي ڪرڻ لاءِ اسلام قبول ڪيو. يوٽيوب جي هڪ پروگرام ۾ ڳالهائيندي پوجا ڀٽ چيو ته هوءَ پنهنجي پيءُ جي فيصلن جو احترام ڪندي آهي ۽ سندس لاءِ سچائي ۽ ذميواري ڪنهن به رشتي جي بنياد آهي. هن سوال ڪيو ته ڇا اهو بهتر آهي ته اهڙو پيءُ هجي جيڪو هر ڪنهن سان پنهنجي محبت جو اقرار ڪري يا جنهن جا ڳجها لاڳاپا هجن ۽ ٻٽي زندگي گذاري. پوجا ڀٽ موجب جيتوڻيڪ مهيش ڀٽ سوني رازدان سان نئين زندگي جي شروعات ڪئي پر هن پنهنجي ماءُ سان لاڳاپا مڪمل طور تي نه ٽوڙيا آهن. اداڪارا جو چوڻ هو ته مهيش ڀٽ 1986ع ۾ اسلام قبول ڪري ٻي شادي ڪئي ته جيئن کيس پهرين زال کي طلاق نه ڏيڻي پوي. هن وڌيڪ چيو ته سندس پيءُ جي هڪ خوبي اها به آهي ته هو جنهن ماڻهوءَ جو هٿ رکندو آهي ان جو هٿ نه ڇڏيندو آهي. پوجا ڀٽ جو بيان سامهون اچڻ کانپوءِ سوشل ميڊيا تي هڪ نئون بحث شروع ٿي ويو آهي ۽ صارفين ان تي مختلف راين جو اظهار ڪري رهيا آهن.
Source link

پوجا ڀٽ پنهنجي پيءُ مهيش ڀٽ جي اسلام قبول ڪرڻ جو انڪشاف ڪيو
Leave a Comment Leave a Comment

