پي ايس ايل 11 جو ٽائيٽل کٽڻ کانپوءِ پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم جو بيان سامهون اچي ويو.

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read



پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) 11 جو ٽائيٽل کٽڻ کانپوءِ پشاور زلمي جي ڪپتان بابر اعظم چيئرمين پي سي بي محسن نقوي کان ٽرافي وصول ڪئي. ان موقعي تي ميڊيا سان ڳالهائيندي بابر اعظم چيو ته هي لمحو پشاور زلمي جي رانديگرن ۽ مداحن لاءِ تمام گهڻي خوشي جو لمحو آهي. هن چيو ته ٽيم ميچ ٽو ميچ پلان ٺاهيو جنهن سبب ڪاميابي حاصل ڪئي. ايڇ بي ايل پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) سيزن 11 جي فائنل ۾ پشاور زلمي حيدرآباد ڪنگزمين کي 5 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٻيو ڀيرو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو. فائنل ۾ حيدرآباد ڪنگز جي ٽيم ٽاس کٽي پهريان بيٽنگ ڪندي ڏکيائين کي منهن ڏنو ۽ پوري ٽيم 18 اوورن ۾ 129 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي. هدف جي تعاقب ۾ پشاور زلمي جي شروعات به سٺي نه رهي، ڪپتان بابر اعظم صفر تي آئوٽ ٿي ويو جڏهن ته صائم ايوب، حارث ۽ ڪوشل مينڊس به گهڻو وقت ڪريز تي نه رهي سگهيا. بريس ويل به صرف 4 رنسون ٺاهي سگهيو، جنهن ڪري ٽيم جي چوٿين وڪيٽ صرف 40 رنسن تي ڪري پئي. بهرحال هن مشڪل صورتحال ۾ هارون هارڊي ۽ عبدالصمد ذميواراڻي بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو. هارڊي 56 ۽ عبدالصمد 48 رنسون ٺاهي ٽيم کي فتح ڏياري. پشاور زلمي 130 رنسن جو هدف 16 هين اوور ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي حاصل ڪري ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪري ورتو.



Source link

Share This Article
Leave a Comment