واشنگٽن:
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ اعلان ڪيو آهي ته آمريڪا سومر کان آبنائي هرمز ۾ ڦاٿل تجارتي جهازن کي ڪڍڻ لاءِ عملي قدم شروع ڪندو، جنهن لاءِ هن آبنائي هرمز جي ناڪابندي ختم ڪرڻ جو اعلان ڪيو آهي.
صدر ٽرمپ آبنائي هرمز مان ڪمرشل جهازن کي ڪڍڻ واري عمل کي پروجيڪٽ فريڊم جو نالو ڏنو آهي ۽ چيو آهي ته ناڪابندي ختم ڪرڻ دراصل انسانيت جي لاءِ عمل آهي.
پنهنجي سوشل ميڊيا پيغام ۾ ڊونلڊ ٽرمپ چيو ته سامونڊي پٽي ۾ ڪيترن ئي جهازن تي کاڌي پيتي ۽ ضروري شين جي سخت کوٽ پيدا ٿي وئي آهي، جنهن ڪري عملو جي صحت ۽ حفاظت کي سخت خطرو آهي.
هن خبردار ڪيو ته جيڪڏهن ان مشن ۾ ڪنهن به قسم جي رڪاوٽ آئي ته آمريڪا سخت ردعمل ڏيندو.
اها پيش رفت هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن ايران پاران آبنائے هرمز ۾ غير اعلانيل پابندين ۽ آمريڪا جي بحري بندش سبب عالمي واپار ۽ تيل جي ترسيل سخت متاثر ٿي رهي آهي.
صدر ٽرمپ موجب هن پنهنجي نمائندن کي هدايت ڪئي آهي ته هو ايراني اختيارين تي واضح ڪن ته آمريڪا سندن جهازن ۽ عملي جي محفوظ انخلاء کي يقيني بڻائڻ لاءِ هر ممڪن قدم کڻندو.
ٽن هفتن جي نازڪ جنگبندي باوجود خطي ۾ ڇڪتاڻ برقرار آهي، جڏهن ته تيل جي قيمتن ۾ تيز اضافو ڏٺو ويو آهي.
آمريڪا ۾ گئسولين جي قيمت 4.44 ڊالر في گيلن تائين پهچي وئي آهي، جيڪا جنگ کان اڳ 3 ڊالر کان گهٽ هئي، جنهن سبب مهانگائي ۽ عوامي بدامني پيدا ٿي.


