اڄ عالمي امن لاءِ ڪم ڪندڙ گڏيل قومن جي امن فوجن جو عالمي ڏينهن آهي.
پاڪستان بهادر آفيسرن، مردن ۽ عورتن کي خراج تحسين پيش ڪري ٿو جن عالمي امن مشن ۾ خدمتون سرانجام ڏنيون. پاڪستان گڏيل قومن جي امن مشن ۾ فوج جو سڀ کان وڏو حصو ڏيندڙ ملڪ آهي.
اهي امن سپاهي جمهوري جمهوريه ڪانگو، ڏکڻ سوڊان، سينٽرل آفريڪن ريپبلڪ، قبرص، مغربي صحارا ۽ صوماليا ۾ امن مشن ۾ خدمتون سرانجام ڏئي رهيا آهن.
1960ع کان وٺي پاڪستان دنيا جي لڳ ڀڳ سڀني براعظمن سميت 29 ملڪن ۾ گڏيل قومن جي 48 امن مشنز ۾ 237,000 سپاهين کي مقرر ڪري چڪو آهي. هن ڏينهن ملهائڻ جو مقصد عالمي امن لاءِ انهن قوتن جي ڪردار کي اجاگر ڪرڻ آهي.
پاڪستان واحد ملڪ آهي جنهن ترقي يافته ملڪن ۾ ڏکين حالتن کي منهن ڏيڻ لاءِ جاري امن فوجن ۾ عورتن جي نمائندگي ۽ درجي بندي تي خاص ڌيان ڏنو آهي.
پاڪستاني امن فوجون مهارت ۽ لگن سان گڏيل قومن جي مشن کي مڪمل ڪرڻ ۾ اهم ڪردار ادا ڪري رهيون آهن. گڏيل قومن جي امن مشن دوران 183 آفيسرن ۽ جوانن عالمي امن جي بحالي لاءِ پنهنجون جانيون قربان ڪيون، جڏهن ته پاڪستاني امن فوجن اعليٰ سطح تي امن جي بحالي لاءِ پنهنجو اهم ڪردار ادا ڪيو، جيڪو مستقبل ۾ به جاري رهندو.


