لنڊن: برطانوي بچاءَ واري وزير جان هيلي پنهنجي عهدي تان استعيفيٰ ڏئي ڇڏي آهي، وزيراعظم ڪيئر اسٽارمر تي ملڪ جي دفاع کي مضبوط ڪرڻ لاءِ گهربل مالي وسيلا فراهم ڪرڻ ۾ ناڪامي جو الزام لڳايو آهي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب جان هيلي پنهنجي استعيفيٰ ۾ چيو آهي ته موجوده عالمي خطرن کي نظر ۾ رکندي برطانيه کي دفاعي شعبي ۾ وڌيڪ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي پر حڪومت ۽ ناڻي واري وزارت ان حوالي سان گهربل وسيلا فراهم ڪرڻ لاءِ تيار ناهي.
وزير اعظم ڪيئر اسٽارمر کي لکيل خط ۾ هن چيو ته تجويز ڪيل دفاعي سيڙپڪاري جو منصوبو برطانوي فوجن جي ضرورتن کي پورو نٿو ڪري ۽ نتيجي ۾ ملڪي سلامتي کي ڪمزور ڪري سگهي ٿو.
جان هيلي جو چوڻ هو ته هن هفتي کيس دفاعي سيڙپڪاري منصوبي جي مڪمل تفصيلن کان آگاهه ڪيو ويو، جنهن موجب دفاعي خرچ 2030ع تائين مجموعي قومي پيداوار جي صرف 2.68 سيڪڙو تائين پهچي ويندو، جڏهن ته هن وقت وڌيڪ سيڙپڪاري جي ضرورت آهي.
هن خبردار ڪيو ته ناکافي بجيٽ کيس اهڙا فيصلا ڪرڻ تي مجبور ڪري سگهي ٿي جيڪي فوجي تيارين، آپريشنل صلاحيت ۽ اهلڪارن جي سيڪيورٽي کي متاثر ڪن، ان ڪري استعيفيٰ ڏيڻ جو فيصلو ڪيو.
وزير اعظم ڪيئر اسٽارمر جي حڪومت اڳ ۾ ئي دفاعي خرچن کي وڌائڻ جو واعدو ڪيو آهي. حڪومت دفاعي بجيٽ کي ايندڙ سال جي ڊي پي جي 2.5 سيڪڙو تائين وڌائڻ جو ارادو رکي ٿو، جنهن جو هدف 3 سيڪڙو ۽ مستقبل ۾ 3.5 سيڪڙو آهي.
جان هيلي جي استعيفيٰ کي وزير اعظم اسٽارمر لاءِ سياسي ڇڪتاڻ جي طور تي ڏٺو پيو وڃي، ڇاڪاڻ ته اها هڪ اهڙي وقت ۾ سامهون آئي آهي جڏهن برطانيه کي مختلف عالمي خطرن کي منهن ڏيڻو پيو آهي، جن ۾ روس کان به شامل آهي ۽ نيٽو اتحادي دفاعي خرچن ۾ واڌ لاءِ زور ڏئي رهيا آهن.
ان دوران پارليامينٽ جي دفاعي ڪميٽي جي چيئرمين تان ديسي چيو آهي ته جان هيلي جي خبرداري کي سنجيدگي سان وٺڻ گهرجي، ڇاڪاڻ ته ان بنياد تي تجربيڪار دفاع واري وزير جي استعيفيٰ هڪ اهم ۽ پريشان ڪندڙ پيش رفت آهي.


