روس ۽ يوڪرين وچ ۾ ٽن ڏينهن واري جنگ بندي ختم ٿيڻ کانپوءِ ٻنهي ملڪن هڪ ٻئي تي ٻيهر حملا شروع ڪري ڇڏيا آهن، جنهن جي نتيجي ۾ يوڪرين جي مختلف علائقن ۾ جاني ۽ مالي نقصان جا اطلاع آهن.
پرڏيهي خابرو اداري موجب روسي ڊرون حملن سبب يوڪرين جي راڄڌاني ڪيف سميت ڪيترن ئي علائقن ۾ الارم سائرن وڄايا ويا، جڏهن ته اوڀر يوڪرين جي ڊنيپروپيٽروسڪ علائقي ۾ هڪ ڄڻو مارجي ويو ۽ ڪيترائي زخمي ٿي پيا.
يوڪرين جي فوجي انتظاميا جي سربراهه تيمور تاڪاچينڪو ٽيليگرام تي جاري ڪيل بيان ۾ چيو آهي ته روسي ڊرون ڪيف جي فضائي حدن ۾ داخل ٿي ويا آهن، جنهن کانپوءِ شهرين کي محفوظ هنڌن ڏانهن وڃڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي. اهلڪارن موجب هوائي دفاعي نظام ڪيترن ئي ڊرونز کي تباهه ڪري ڇڏيو.
ٻئي طرف روسي بچاءَ واري وزارت دعويٰ ڪئي آهي ته جنگبندي ختم ٿيڻ کانپوءِ روسي ايئر ڊفينس سسٽم يوڪرين جا 27 ڊرون ڪيرايا. روس موجب اهي ڊرون حملا بيلگوروڊ، ورونيز ۽ روستوف جي علائقن ۾ ڪيا ويا.
واضح رهي ته آمريڪي صدر ٽرمپ گذريل هفتي روس ۽ يوڪرين وچ ۾ ٽن ڏينهن جي جنگ بندي جو اعلان ڪيو هو. ٽرمپ کي اميد هئي ته جنگبندي چار سالن جي جنگ جي خاتمي جي شروعات جي نشاندهي ڪندي.
جڏهن ته جنگبندي دوران به ٻئي ملڪ هڪ ٻئي تي شهري علائقن کي نشانو بڻائڻ جا الزام لڳائيندا رهيا. يوڪرين جي صدر زيلنسڪي چيو ته جنگبندي جي باوجود محاذ تي ويڙهه جاري آهي ۽ مڪمل خاموشي ناهي رهي.
ان دوران ڪرملين جي ترجمان دمتري پيسڪوف چيو آهي ته روس يوڪرين ۾ جنگ جي خاتمي لاءِ ڳالهين لاءِ تيار آهي، پر ڪنهن حتمي ڊيل جي تفصيل ڏيڻ وقت کان اڳ هوندو.
روسي صدر ولاديمير پيوٽن پنهنجي تازي بيان ۾ چيو آهي ته يوڪرين ۾ جنگ پنهنجي آخري مرحلي ڏانهن وڃي رهي آهي، پر روسي عملدارن واضح ڪيو ته فوجي آپريشن ان وقت تائين جاري رهندو جيستائين يوڪرين روسي شرطن کي قبول نه ڪندو.
روس مسلسل اهو مطالبو ڪري رهيو آهي ته يوڪرين اوڀر ڊونباس جي علائقن مان واپس نڪري وڃي جيڪو اڃا تائين ڪيف جي قبضي ۾ آهي، پر يوڪرين جي حڪومت اهو مطالبو رد ڪري ڇڏيو آهي.


