آمريڪي صدر سوشل ميڊيا تي گردش ڪندڙ پنهنجي اي آءِ جي ٺاهيل تڪراري تصوير تي وضاحت جاري ڪري ڇڏي.
پنهنجي بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ جو چوڻ هو ته اها تصوير جيڪا کيس مذهبي يا عيسيٰ جهڙي شڪل ڏيکاري ٿي، اها اصل ۾ ان مقصد لاءِ نه هئي.
آمريڪي صدر موجب ان تصوير جو مقصد کيس ڊاڪٽر طور پيش ڪرڻ هو پر ان کي غلط انداز ۾ ڪڍيو ويو.
اها تصوير آرٽيفيشل انٽيليجنس ذريعي ٺاهي وئي، جنهن کانپوءِ سوشل ميڊيا تي گرما گرم بحث شروع ٿي ويو.
نقادن ٽرمپ کي نامناسب قرار ڏنو، جنهن کانپوءِ اها تصوير ڊليٽ ڪئي وئي. صدر ٽرمپ به ساڳئي پوسٽ ۾ دعويٰ ڪئي ته مان ماڻهن کي شفا ڏيندو آهيان.


