دبئي حڪومت پرڏيهي سيڙپڪارن لاءِ پراپرٽي ويزا جي ضابطن ۾ وڏي نرمي جو اعلان ڪيو آهي، جنهن سان ملڪيت خريد ڪرڻ لاءِ 2 سالن جي رهائشي ويزا حاصل ڪرڻ کي آسان بڻائي ڇڏيو آهي.
نئين پاليسي تحت، هڪ مالڪ لاءِ مقرر ڪيل گهٽ ۾ گهٽ قيمت جي شرط کي ختم ڪيو ويو آهي، جنهن سان وڌيڪ ماڻهن کي اها سهولت ملندي.
اختيارين موجب هاڻ گڏيل ملڪيت جي صورت ۾ رهائشي ويزا حاصل ڪري سگهجي ٿي پر ان لاءِ هر سيڙپڪار جو حصو گهٽ ۾ گهٽ 4 لک درهم هجڻ ضروري آهي. ان اقدام جو مقصد پرڏيهي سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۽ پراپرٽي مارڪيٽ کي وڌيڪ متحرڪ ڪرڻ آهي.
وڌيڪ چيو ويو آهي ته 2 سالن جي سيڙپڪار ويزا کي اڳ جي ڀيٽ ۾ وڌيڪ آسان ۽ پهچ وارو بڻايو ويو آهي، جڏهن ته ٻين ڊگهي مدي واري ويزا جون شرطون به برقرار آهن. 1 ملين درهم جي گھٽ ۾ گھٽ سيڙپڪاري ۽ 55 سالن جي عمر جي حد 5 سالن جي ريٽائرمينٽ ويزا لاء.
اهڙي طرح 10 سالن جي گولڊن ويزا حاصل ڪرڻ لاءِ 2 ملين درهم جي سيڙپڪاري کي لازمي قرار ڏنو ويو آهي. گولڊن ويزا هولڊرز کي فيملي ۽ گهريلو ملازمن کي اسپانسر ڪرڻ جي به سهولت هوندي، جڏهن ته هو يو اي اي کان ٻاهر به پنهنجو ويزا برقرار رکي سگهندا.
ماهرن موجب اها نئين پاليسي دبئي جي ريئل اسٽيٽ مارڪيٽ کي هٿي وٺندي ۽ عالمي سيڙپڪارن جي دلچسپي ۾ اضافو ڪندي.


