ڀارت ۾ مودي حڪومت ناڪام ٿي وئي، ٻي رياست مني پور، ناگالينڊ ۾ فرقيوار فساد شروع ٿي ويا.
ڀارتي اخبار ”دي انڊين ايڪسپريس“ ملڪ ۾ نئين فسادن کي اڳتي آندو. ڀارتي رياست اتراڪنڊ جي ضلعي دهرادون ۾ پاڻي جي معاملي تي شروع ٿيل تڪرار فرقيواراڻي شڪل اختيار ڪري ورتي.
زمين جي معاملي تي جهيڙي دوران هڪ ڄڻو مارجي ويو، 3 ڄڻا سخت زخمي، واقعي کانپوءِ علائقي ۾ برادري ڇڪتاڻ پيدا ٿي وئي، 4 جوابدارن کي گرفتار پڻ ڪيو ويو.
دي انڊين ايڪسپريس موجب پوليس جي موجودگي ۾ مرڪزي جوابدار جي گهر جو وڏو حصو ڊاهيو ويو
ماهرن موجب بي جي پي حڪومت اقتدار ۾ رهڻ لاءِ گذريل ڪجهه سالن ۾ سماج ۾ جنهن مذهبي نفرت جو ٻج پوکيو آهي، اهو اڄ هڪ وڏو وڻ بڻجي چڪو آهي.


