ايران سان تازي ڇڪتاڻ دوران اسرائيل گڏيل عرب امارات کي جديد دفاعي نظام فراهم ڪرڻ جي دعويٰ ڪئي آهي. برطانوي اخبار دي ٽيليگراف جي رپورٽ موجب اسرائيل امارات کي جديد ليزر ۽ فضائي دفاعي ٽيڪنالاجي فراهم ڪئي.
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اسرائيل يو اي اي کي اسپيڪٽرو نالي هڪ جديد نگراني نظام فراهم ڪيو آهي جيڪو ايندڙ ڊرون خاص طور تي ايران جي ٺهيل شاهد ڊرونز کي 20 ڪلوميٽرن جي فاصلي کان سڃاڻڻ جي صلاحيت رکي ٿو.
ان کان علاوه، اسرائيل امارات کي پنهنجو جديد ‘آئرن بيم’ ليزر دفاعي نظام فراهم ڪيو، جيڪو مختصر رينج جي راڪيٽ ۽ ڊرون کي تباهه ڪرڻ جي قابل آهي. رپورٽ موجب هي سسٽم اڳ ۾ لبنان ۾ حزب الله جي حملن خلاف استعمال ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب ان سسٽم سان گڏ اسرائيل پنهنجو مشهور آئرن ڊوم ايئر ڊفينس سسٽم به يو اي اي کي فراهم ڪيو جڏهن ته ان سسٽم کي هلائڻ لاءِ اسرائيلي فوج جا درجنين اهلڪار به مقرر ڪيا ويا آهن.
رپورٽ ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسرائيل دفاعي تيارين کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ لاءِ اولهه ايران کان امڪاني ميزائل حملن جي حوالي سان امارات کي اهم انٽيليجنس به فراهم ڪئي.
ماهرن موجب جيڪڏهن دعويٰ درست ثابت ٿي ته اهي خطي ۾ دفاعي تعاون ۽ سيڪيورٽي توازن ۾ وڏي تبديلي جو سبب بڻجي سگهن ٿا جڏهن ته ايران ۽ اسرائيل وچ ۾ ڇڪتاڻ وڌي سگهي ٿي.


