واشنگٽن: يو ايس ميرين ڪور جو هڪ FA-18 هارنيٽ فائٽر جهاز آمريڪا ۾ معمول جي تربيتي اڏام دوران ڪري تباهه ٿي ويو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب حادثو واشنگٽن رياست جي جبل واري علائقي ۾ پيش آيو جتي جهاز تربيتي مشق دوران ڪري تباهه ٿي ويو.
رپورٽ موجب جهاز جي پائليٽ حادثي کان اڳ ڪاميابيءَ سان ٻاهر نڪري پنهنجي جان بچائي ورتي. پائلٽ کي معمولي زخمي حالت ۾ اسپتال نيو ويو جتي سندس علاج ڪيو پيو وڃي.
آمريڪي اختيارين موجب حادثي جي اصل سبب معلوم ڪرڻ لاءِ واقعي جي جاچ شروع ڪئي وئي آهي. شروعاتي طور تي اهو واضح نه ٿي سگهيو آهي ته حادثو فني خرابي سبب پيش آيو يا ڪو ٻيو سبب.
FA-18 Hornet هڪ مشهور جنگي جهاز آهي جيڪو يو ايس مرين ڪور ۽ يو ايس نيوي پاران فضائي دفاع، حملي جي آپريشنن ۽ تربيتي مشنن ۾ استعمال ڪيو ويندو آهي.


