افغانستان جي راڄڌاني ڪابل ۾ هڪ افغان شهري جي پاڪستاني فوجي قيادت سان محبت جو اظهار ڪندي هڪ وڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ٿي وئي آهي.
وائرل وڊيو ۾ افغان شهري افغانستان جي خراب صورتحال جو ذميوار طالبان کي قرار ڏيندي چيو ته عيد هڪ عيد آهي پر مان نٿو سمجهان ته هتي افغانستان ۾ ڪا عيد آهي.
شهرين جو چوڻ هو ته افغان عوام بک ۽ بدحالي جو شڪار آهي، بيروزگاري آهي ۽ سرحدون به بند آهن. افغانستان جي شهرين کي ٻه وقت جي ماني به نٿي ملي.
افغان شهري چيو ته افغان طالبان فتنا خوارج جي دهشتگردن کي پاڪستان جي حوالي ڪري ڇو ته پاڪستاني اسان جا ڀائر آهن. افغان شهري ڪابل مان هڪ ڪاغذ هٿ ڪيو ۽ پاڪستاني فوجي قيادت تي مڪمل اعتماد جو اظهار ڪيو.


