اڳوڻي راڻي حسن ۽ ماڊل اداڪارا جو پراسرار موت؛ جج ساس گرفتار

sindhvoice70@gmail.com
2 Min Read


ڀارتي رياست مڌيا پرديش ۾ اڳوڻي ”مس پوني“ تويشا شرما جي پراسرار موت سڄي ملڪ ۾ ڇڪتاڻ پيدا ڪري ڇڏي آهي.

ڀارتي ميڊيا موجب سينٽرل بيورو آف انويسٽيگيشن (سي بي آءِ) اڳوڻي جج گربيلا سنگهه کي سوشل ميڊيا تي ڇڪتاڻ واري ڪيس ۾ گرفتار ڪري ورتو آهي.

واضح رهي ته 33 ورهين جي تويشا شرما جي موت کي شروعاتي طور تي خودڪشي قرار ڏنو ويو هو پر بعد ۾ ڏاج نه آڻڻ تي طعنا، هراسان ڪرڻ، گهريلو تشدد ۽ دٻاءُ جا انڪشاف سامهون آيا هئا.

سي بي آءِ اهلڪارن جو چوڻ آهي ته گربيلا سنگهه کان سندس گرفتاري کان اڳ ڪيترائي ڪلاڪ تفصيل سان پڇا ڳاڇا ڪئي وئي. جنهن ۾ ڊجيٽل شاهديون، واٽس اپ ميسيجز، فرانزڪ تجزيا ۽ ڏوهن جي منظر جي معلومات جو جائزو ورتو ويو.

جاچ دوران اهو به انڪشاف ٿيو ته تويشا شرما تي حمل ضايع ڪرڻ لاءِ دٻاءُ وڌو ويو، جڏهن ته هوءَ پنهنجي ساسرن طرفان مسلسل ذهني تشدد ۽ هراساني کي به منهن ڏئي رهي هئي.

جاچ اختيارين مقتول جي جسم تي ڪيترن ئي زخمن ۽ زخمن جي نشانن بابت به سوال اٿاريا آهن، جنهن تي مقتول جي وارثن دعويٰ ڪئي آهي ته کيس موت کان اڳ تشدد جو نشانو بڻايو ويو.

سي بي آءِ موجب مقتولا جو مڙس سمرٿ سنگهه اڳ ۾ ئي عدالتي حراست ۾ آهي، جڏهن ته گربيلا سنگهه جي گرفتاري مڌيا پرديش هاءِ ڪورٽ سندس پيشگي ضمانت رد ڪرڻ بعد ڪئي.

ڀارتي ميڊيا موجب تويشا شرما موت کان ڪجهه ڏينهن اڳ پنهنجي ماءُ کي ڪيترائي پيغام موڪليا هئا جنهن ۾ هن شادي کانپوءِ جي زندگي کي دوزخ قرار ڏيندي گهر واپس آڻڻ جي درخواست ڪئي هئي.

توشا شرما اڳوڻي مس پوني ۽ گڏوگڏ ايم بي اي گريجوئيٽ هئي ۽ مارڪيٽنگ ۽ ڪميونيڪيشن جي شعبي سان لاڳاپيل هئي. هن فلمي دنيا ۾ به مختصر ڪم ڪيو.





Source link

Share This Article
Leave a Comment