ايراني پرڏيهي وزير عباس عراقچي روس جي شهر سينٽ پيٽرزبرگ پهچي ويو آهي، جتي هو روسي صدر ولاديمير پيوٽن ۽ ٻين اعليٰ اختيارين سان اهم ملاقاتون ڪندو.
ايران پهچڻ تي ميڊيا سان ڳالهائيندي ايراني پرڏيهي وزير چيو ته سندس دوري جو مقصد علائقائي ۽ عالمي معاملن تي تهران ۽ ماسڪو وچ ۾ ويجهن مشاورت کي جاري رکڻ آهي.
هن چيو ته صدر پيوٽن سان ملاقات موجوده جنگ جي صورتحال ۽ ان جي تازي پيش رفت تي خيالن جي ڏي وٺ جو اهم موقعو هوندو.
ايرنا موجب عباس عراقچي پنهنجي پاڪستان جي تازي دوري کي انتهائي ڪارائتو قرار ڏيندي چيو ته ايران ۽ آمريڪا وچ ۾ ممڪن ڳالهين بابت تفصيلي ڳالهه ٻولهه ٿي.
عمان جي پنهنجي دوري جو ذڪر ڪندي هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ آبنائے هرمز جي صورتحال تي اهم ڳالهه ٻولهه ٿي.
هن چيو ته ڇاڪاڻ ته ايران ۽ عمان هن اهم آبي گذرگاهه جا ساحلي ملڪ آهن، ان ڪري ٻنهي وچ ۾ مسلسل رابطو ۽ هم آهنگي ضروري آهي، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن عالمي واپار ۽ آبنائي هرمز ذريعي توانائي جي منتقلي هڪ وڏو مسئلو بڻجي چڪي آهي.
ايراني پرڏيهي وزير وڌيڪ چيو ته ايران ۽ عمان وچ ۾ ان معاملي تي اعليٰ سطحي معاهدو موجود آهي ۽ ٻنهي ملڪن ماهرن جي سطح تي صلاح مشورا جاري رکڻ تي به اتفاق ڪيو آهي.
ماهرن موجب ايران جا روس، پاڪستان ۽ عمان سان وڌندڙ سفارتي لاڳاپا خطي ۾ جاري ڇڪتاڻ کي گهٽائڻ ۽ ممڪن ڳالهين جي راهه هموار ڪرڻ جي ڪوششن جو حصو آهن.


